امام علي نازش ڪامريڊ

امام علي ”نازش“، ڪامريڊ: پاڪستان ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو آدرشي اڳواڻ ۽ پاڪستان، ڪسان- مزدور پارٽيءَ جو چيئرمئن، ڪامريڊ امام علي ’نازش‘ 4 آگسٽ 1922ع تي، ڀارت جي شهر دهليءَ ڀرسان ”امروهي“ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ڪميونسٽ تحريڪ جي بانيڪارن مان هو. ننڍي هوندي، سندس والد کيس ’مجتهد‘ بنائڻ ٿي چاهيو، انڪري کيس ’ناظميا‘ موڪليو ويو ته جيئن فقہ ۽ حديث جو علم حاصل ڪري سگهي. اُتي ئي هن فاضل ۽ اديب جا امتحان پاس ڪيا. بعد ۾ لکنئو يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتي هو ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ٿوري عرصي بعد سندس خيال مارڪسي فلسفي ڏانهن آيا، جيڪي کيس ترقي پسند، ڪميونسٽ تحريڪ ڏانهن وٺي ويا. ورهاڱي کان پوءِ پارٽي پاليسين تحت کيس پاڪستان اچڻو پيو. ايوبي مارشل لا دؤران، جڏهن ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو ته کيس ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو. 1951ع ڌاري ”پنڊي سازش ڪيس“ ٺهيو ۽ 1954ع ڌاري ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳي. اُن بعد ڪامريڊ نازش ڪيترائي ڀيرا جيل ويو؛ ائين ڏهه سال جيل اندر ڪاٽيائين. پاڻ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ سال 1955ع ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏ رهيو ۽ کانئس ئي سنڌي سکيائين. ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳڻ کان پوءِ، هيءُ روپوش ٿي ويو. تقريباً 25 سال روپوشيءَ جي زندگي گذاريائين. 1982ع ڌاري هن سوويت يونين، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن جا دؤرا ڪيا. 1998ع ۾ ڪامريڊ نازش، پهريون دفعو روپوشي ختم ڪري عوام اڳيان ظاهر ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ شهيد نذير عباسيءَ جي ورسيءَ تي خطاب ڪيائين. 1990ع کان وٺي آخري دم تائين ڪميونسٽ پارٽي جو چيئرمئن به رهيو. 7 مارچ 1999ع تي اوجها سينيٽوريم ڪراچيءَ ۾ ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.08.04  عيسوي

ڪامريڊ امام علي ’ نازش ‘ 4 آگسٽ 1922ع تي ، ڀارت جي شهر دهليءَ ڀرسان ” امروهي “ ۾ پيدا ٿيو


1999.03.07  عيسوي

امام علي ”نازش“ 7 مارچ 1999ع تي اوجها سينيٽوريم ڪراچيءَ ۾ ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪيائين



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز جکراڻي
اياز سومرو
ايشور داس
اختر مينگل
لال ڪرشن آڏواڻي
اياز لطيف پليجو
اڪبر خان بگٽي
عبدالواحد آريسر
انڙ غلام رسول
ارباب ذڪاءُ الله
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون